ڀڳت کيمچند

ڀڳت کيمچند: ٿرپارڪر ضلعي جي مُک شهر مٺيءَ جو هيءَ رهواسي، لوهاڻن جي آسناڻي آڪهه 1 اپريل 1881ع تي ڄائو هو. پرائمريءَ جا ست ئي درجا اُتيئي پڙهيو ۽ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان عمرڪوٽ سينٽر مان پاس ڪيائين. 1901ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. جتان هيڊ منشيءَ جي حيثيت سان 1936ع ۾ رٽائر ڪيائين. سندس ننڍپڻ کان وٺي سداچار ۽ سماج سُڌار ڏانهن گهڻو هو ۽ اُن لاءِ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ 92 ورهين جي ڄمار ۾ 19 مارچ 1973ع ۾ مٺيءَ ۾ ديهانت ٿيس. سندس سماڌي مٺيءَ ۾ آهي. جتي هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي. سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: (1) پروليون 1954ع، (2) برهم چريه 1961ع، (3) ٻوڌ دائڪ چُٽڪا 1963ع، (4) انسانيت ڇا کي چئجي؟ 1964ع، (5) قدرتي جيوَن (1909ع). تازو سندس آتم ڪٿا ”مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي‘ (2004ع) شايع ٿي آهي.، جيڪا نامياري اديب ولي رام ولڀ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ ان وقت جي ٿر جي حالتن جو پتو پوي ٿو. سندس يا ڪتاب پڻ اشاعت هيٺ آهن، جيڪي سندس ياد ۾ قائم ڪيل اداري طرفان شايع ٿيڻ جي توقع آهي.


لفظ ڀڳت کيمچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو